جمعرات، 15 اکتوبر، 2015

سائنس ڇا آهي؟؟ (جواب نظام الدين ڪٽوهر)

بنيادي طرح سان ته سائنس ڪنهن منظم طريقي ڪار جي تحت ڪنهن ڳاله کي ڄاڻڻ يا ان جو علم علم حاصل ڪرڻ کي چئجي ٿي.
ان طرح سان اهڙي مطالعي جي طريقي ۽ ان جي نتيجن ٻئي بعد ۾ دهرائي سگهجن ۽ ان جي تصديق ڪري سگهجي يعني ائين چئجي ته اهي تقرار لائق هجن ان کي علم  ئي چئجي ٿو. في الحال سائنس جو ڪو اهڙو ترجمو ڪرڻ جي ڪوبه باضابطه ڪوشش نه ڪئي وئي جيڪو هن کي ٻين علمن کان الڳ ڪري سگهي.  انڪري هتي علم ۽ سائنس  متبادل  طور تي استعمال ڪيا ويا آهن. لهذا ائين چئي سگهجي ته
مطالعو ڪري ڪنهن شي جي باري ۾ ڄاڻڻ يا اهڙي ڪوشش ڪرڻ  ئي سائنس آهي انگريزي ۾ سائند جو لفظ لاطيني جي Scienta ۽ ان کان اڳ يوناني جي skhizein کان آيو آهي جنهن جي  معني آهي الڳ ڪرڻ ، چاڪ ڪرڻ . مخسوص غيرفني علم جيڪي انسان پنهنجي سوچ، ويچار، حساب، ڪتاب ۽ مطالعي سان حاصل ڪري ٿو جي لاء سائنس جي لفظ   جو جديد استعمال سترهين صدي جي شروعات ۾ سامهو آيو.